بلڊ ڪينسر ڇو ۽ ڪيئن ٿيندو آهي؟ علامتون عام پر مرض موتمار

رت جو ڪينسر، جنهن کي هيماتولوجڪ ڪينسر به چيو ويندو آهي، ڪينسر جو اهڙو قسم آهي، جيڪو رت جي خلين کي متاثر ڪندو آهي.
اهو ان وقت ٿيندو آهي، جڏهن رت جي خلين ۾ ڊي اين اي مَٽجي ويندو آهي، جنهن سبب خليون غير معمولي طور تي وڌنديون آهن ۽ صحيح طريقي سان ڪم ناهن ڪري سگهنديون.
رت جو ڪينسر رت، بون ميرو ۽ لمفيٽڪ نظام کي متاثر ڪندو آهي، اهو ڪينسر رت جي خلين جي پيداوار ۽ ڪم ۾ خلل وجهندو آهي.
رت جي ڪينسر جا قسم
رت جي ڪينسر جي قسمن ۾ ليوڪيميا (اڇين خلين کي متاثر ڪندڙ)، ليمفوما (لمفيٽڪ نظام کي متاثر ڪندڙ) ۽ مائيلوما (پلازما جي خلين کي متاثر ڪندڙ) شامل آهن.
رت جي ڪينسر جي هر قسم جا الڳ الڳ اثر هوندا آهن ۽ علاج لاءِ مختلف طريقن جي ضرورت پوندي آهي، جنهن ۾ ڪيموٿراپي، ريڊي ايشن ٿراپي، ٽارگيٽڊ ٿراپي ۽ سٽيم سيل ٽرانسپلانٽيشن، بيماري جي مخصوص سڃاڻپ ۽ مرحلي تي ڀاڙي ٿو.
علامتون ڪهڙيون آهن؟
رت جي ڪينسر جي علامتن ۾ مسلسل ٿڪاوٽ، وزن ۾ واضح طور تي گهٽتائي، هر هر انفيڪشن ٿيڻ، زخم اچڻ ۽ رت وهڻ، رات جو پگهر اچڻ، سنڌن ۾ سور، پيٽ ۾ تڪليف، عام ڪمزوري، بيچيني وغيرا شامل آهن.
ڇا اهو مرض سنگين آهي؟
رت جو ڪينسر هڪ سنگين حالت آهي، جنهن جو وقت سر علاج نه ڪيو وڃي ته موتمار ثابت ٿي سگهي ٿو، اهو صحتمند رت جون خليون پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۾ خلل وجهندو آهي، جنهن سان سنگين مسئلا جهڙوڪ انفيڪشن، رت وهڻ ۽ عضون جي خرابي ٿيندي آهي.
رت جي ڪينسر جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟
رت جي ڪينسر جو سبب خلين جي ڊي اين اي ۾ تبديلين سان جڙيل آهي، خيال ڪيو ويندو آهي ته ماحولياتي ۽ جينياتي عمل ليوڪيميا ۾ ڊي اين اي جي تبديلين کي متحرڪ ڪندا آهن، ليمفوما ۾ رت جي اڇين خلين جي جينز ۾ تبديلي انهن جي بي قابو ٿيڻ جو ڪارڻ بڻجندي آهي، مائيلوما ۾ بون ميرو ۾ پلازما سيل وڌي ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.