سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ پولينڊ جي عورت شادي لاءِ سرگوڌا پهچي وئي.
پولينڊ واسڻ فيملي ڪورٽ ۾ نوجوان مطيع الله سان شادي ڪئي، هن اسلام قبول ڪري پنهنجو نالو مريم رکي ڇڏيو.
سرگوڌا جي تعلقي ڀلوال جي علائقي منظور حيات جي رهواسي مطيع الله موجب مانگورزانا سان منهنجي دوستي سوشل ميڊيا ذريعي ٿي، جيڪا پيار ۾ تبديل ٿي وئي.
مانگورزانا پاڪستان پهتي ۽ هن ڀلوال جي فيملي ڪورٽ جي جج ثمر حيات جي عدالت ۾ مطيع الله سان شادي ڪري ڇڏي.
ان کان اڳ پرڏيهي عورت اسلام قبول ڪري پنهنجو نالو مريم رکيو.
سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي مرضي سان پاڪستان آئي آهيان ۽ اسلام قبول ڪيو آهي، پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ چاهيان ٿي، مون تي ڪنهن به قسم جو دٻاءَ ناهي، اسلام قبول ڪرڻ ۽ شادي منهنجي ذاتي خواهش ۽ مرضي آهي.
You might also like