شهرين جو پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ لاٿ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهرين پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ لاٿ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تازي لاٿ کي شهرين ناڪافي قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته عام واهپي جي شين جا اگهه به گهٽ ڪيا وڃن.
واضح رهي ته حڪومتي فيصلي کانپوءِ پيٽرول ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ 5 رپيا 45 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 288 رپيا 49 پئسا في ليٽر هوندو، ڊيزل 8 رپيا 42 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 281 رپيا 96 پئسا ليٽر ٿي ويو آهي.
پيٽرول ۽ ڊيزل تي 60-60 رپيا في ليٽر ليوي برقرار رکي وئي آهي.
شهرين پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ لاٿ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته حڪومت عام واهپي جي شين جا اگهه به گهٽائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.