ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 500 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 43 هزار 900 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 429 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 9 هزار 105 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 2 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2335 ڊالر في اونس آهي.
You might also like