اسي ڪلاڪن اندر گهر جوڙي راس ڪندڙ ٿري ڊي پرنٽر ۾ ٻيون ڪهڙيون خاصيتون آهن؟

آمريڪا ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو ٿري ڊي پرنٽر تيار ڪيو ويو آهي جيڪو دنگ ڪري ڇڏيندڙ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
96 فٽ ڊگهي ۽ 32 ويڪري پرنٽر کي فيڪٽري آف دي فيوچر جو نالو ڏنو ويو آهي.
مائن يونيورسٽي طرفان تيار ڪيل پرنٽر ڪيئي ڏکيا ترين ڪم ڪري سگهي ٿو، مثال طور تي هن ٿري ڊي پرنٽر ذريعي هڪ گهر اسي ڪلاڪن ۾ پرنٽ يا تعمير ڪري سگهي ٿو.
پرنٽر طرفان تيار ڪيل گهر سادو ۽ هڪ ماڙ تي ٻڌل هوندو آهي.
ماهرن موجب، 2030ع تائين 80 هزار گهرن اڏڻ جي ضرورت هوندي تنهنڪري هڪ ماڙ گهر رهائشي ضرورتن جي مسئلن تي ظابطو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.
ماهرن جو چوڻ آهي ته هن مشين ذريعي پرنٽ ڪئي ويندڙ هر شئي ري سائڪل ايبل هوندي، پر سندن اِهو به چوڻ آهي ته پرنٽر رڳو گهر ئي تيار نه ڪندو پر آبدوز ۽ ٻيون فوجي گاڏيون پڻ پرنٽ ڪري سگهي ٿو.
پرنٽر جي تياري ۾ اٽڪل پنج سالن جو عرصو لڳو ۽ ماهر مستقبل ۾ مڪمل آبادين جي تعمير لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ پراميد آهن.
دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته ان کان اڳ به دنيا جو سڀ کان وڏو ٿري ڊي پرنٽر هن ئي يونيورسٽي طرفان تيار ڪيو ويو هو.
ماهرن موجب ٻنهي ٿري ڊي پرنٽرز جي روبوٽيڪ آپريشنز لاءِ نون سينسرز، آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ ٻين ٽيڪنالوجيز جو استعمال ڪيو ويو آهي.
سندن تيار ڪيل نئون پرنٽر هڪ ڪلاڪ ۾ 227 ڪلو گرام ميٽريل استعمال ڪري مختلف شيون تيار ڪري سگهي هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.