”سلمان خان سامهون بيٺو هو پر ساڻس تصوير نه ڪڍرائي“ مٿيرا جو انڪشاف

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ماڊل ۽ ميزبان مٿيرا انڪشاف ڪيو آهي ته هن بالي ووڊ سلطان سلمان خان کي سامهون ڏسي به ساڻس تصوير نه ڪڍرائي هئي.
ويجهڙ ۾ ڏنل هڪ انٽرويوءَ دوران مٿيرا ٻڌايو ته سندس عادت آهي هوءَ هوائي اڏي تي ڪڏهن به ڪنهن مشهور شخصيت سان پاڻ وڃي ناهي ملندي ڇوته اِهو سندس ذاتي ٽائيم آهي.
ان دوران مٿيرا ٻڌايو ته هوءَ سلمان خان جي تمام وڏي مداح آهي، ممبئي ۾ سڀني دوستن کي ٻڌائي ڇڏيو هوته هو سلمان خان کي جتي به ڏسن ته ڪال ڪري ٻڌائين، ساڻس ملڻ لاءِ پهچي وينديس پوءِ کڻي ڪهڙو به وقت هجي.
سندس چوڻ هوته هڪ ڀيري هن سلمان خان کي ڏسي ورتو، دوست چيو ته وڃ وڃي تصوير ڪڍرائي پر مون نه ڪڍرائي، دوست چيو ته ڇا سلمان خان پاڻ توسان تصوير ڪڍرائڻ لاءِ ايندو؟
مٿيرا ٻڌايو ته ان وقت سلمان خان دوستن سان گڏ هو، انڪري سوچيو ته کيس تصوير جو چونديس ته ڪيڏو نه عجيب لڳندو.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڻ سان محبت ڪريان ٿي ۽ محسوس ڪيان ٿي ته هاڻ به خوبصورت آهيان، جيڪڏهن مان ٿوري ٿُهلي هجان ها ته تڏهن به خوبصورت هجان ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.