ارجيت سنگهه، ماهرا خان کان معافي گهري ورتي

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور ڀارتي راڳي ارجيت سنگهه جي ڪانسرٽ ۾ پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان کي سڃاڻي نه سگهيو جنهن کانپوءِ هن اداڪارا کان معافي پڻ گهري.
دبئي ۾ هڪ موسيقيءَ جي پروگرام دوران پاڪستاني ۽ ڀارتي فنڪارن وچ ۾ پيش آيل دلچسپ واقعو ڪئميرا جي اَک ۾ محفوظ ٿي ويو جنهن جي وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.
ماهران خان اڄڪلهه ايمي گالا ايوارڊ جي سلسلي ۾ دبئي ۾ موجود آهي، ان دوران هن گذريل ڏينهن ارجيت سنگهه جي ميوزيڪل شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ ڀارتي راڳي اِهو اعتراف ڪيو ته هو ڪنسرٽ دوران سوين پرستارن جي موجودگيءَ ۾ ماهران خان کي نه سڃاڻي سگهيو.
پر کيس جيئن ئي پتو پيو ته مداحن جي وچ ۾ پاڪستاني سپر اسٽار موجود آهي ته هن پروگرام ۾ آيل مداحن سان سندس تعارف ڪرايو ۽ گڏوگڏ سڃاڻپ دير تي معافي پڻ گهري .
وائرل وڊيو ۾ ڀارتي گلوڪار اوچتو بند ڪري اتي موجود ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي اِهو ڄاڻي حيرت ٿيندي ته اڄ اسان جي وچ ۾ ڪير موجود آهي، اچو ته کيس سٺي انداز ۾ متعارف ڪرايون.
ارجيت پنهنجي ڳالهه جاري رکندي وڌيڪ چيو ته مان کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس پر مون کي ياد آيو ته مون ته سندس لاءِ گيت پڻ ڳايو آهي، اڄ اسان جي وچ ۾ ماهرا خان موجود آهي جيڪا منهنجي سامهون ويٺي آهي.
هن چيو ته مان هنيئر سندس ئي فلم جو گيت ” ظالما “ ڳائي رهيو هئس ۽ هوءَ به مون سان گڏ ڳائي رهي هئي پر مان کيس سڃاڻي نه سگهيس، جنهن مان ساڻس معذرت خواهه آهيان، اوهان جي وڏي مهرباني.
ان موقعي تي ماهرا خان ڪاري لباس جي چونڊ ڪئي جنهن سندس خوبصورتيءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
ٻئي پاسي ماهرا خان به پروگرام جي مختصر وڊيو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تان به شيئر ڪيئ ۽ ڀارتي راڳي جي عاجزي کي ساراهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.