ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم اڳواڻ رضا علي عابدي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت رضا علي عابدي جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 4 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي.
عدالت جوابدارن تي هڪ – هڪ لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته ٻيا جوابدار جڏهن به گرفتار ٿين عدالت سامهون پيش ڪيا وڃن.
جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ ۽ قتل جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
واضح رهي ته رضا علي عابدي کي 2018 ۾ اڻڄاتل ماڻهن ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي جي علائقي خيابان غازي ۾ سندس رهائشگاهه ٻاهران گوليون هڻي قتل ڪيو هو.
You might also like