آءِ سي سي جي سالياني رينڪنگ جاري، انگلينڊ جو ون ڊي ۽ ڀارت جي ٽيسٽ تي حڪمراني

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي سالياني رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ انگلينڊ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پهرين پوزيشن ماڻي ورتي آهي جڏهن ته ٽيسٽ فارميٽ ۾ ڀارت پهرين نمبر تي برقرار آهي.

ڪرڪيٽ جي عالمي اداري سالياني رينڪنگ اپڊيٽ جاري ڇڏي آهي جنهن موجب ڀارت ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پهرين پوزيشن برقرار رکي آهي جڏهن ته انگلش ٽيم ڇوٿين نمبر تي موجود آسٽريليا جي جڳهه والاري ورتي آهي.

ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پاڪستان جو ستون نمبر آهي ۽ پاڪستان جو اٺين پوزيشن تي موجود ويسٽ انڊيز سان رڳو ٻن پوائنٽن جو فرق وڃي بچو آهي.

ٻئي پاسي هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ انگلينڊ پهرين پوزيشن تي موجود آهي، ڀارت جي نيوزلينڊ مان  سرسري 8 پوائنٽن مان گهٽجي ٻه پوائنٽون رهجي وئي آهي.  عالمي ڪپ ۾ پهرين پوزيشن برقرار رکڻ لاءِ انگلينڊ جي آئر لينڊ ۽ پاڪستان خلاف ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻي پوندي.

ون ڊي رينڪنگ جي فهرست ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ کان ٽئين پوزيشن کسي ورتي آهي، رينڪنگ ۾ ڀارت جو ٻيون، آسٽريليا جو پنجون ۽ پاڪستان جو ڇهون نمبر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.