سنڌ جا مسئلا حل ڪندس…. وزير اعظم وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم پاڪستان عمران خان سان سنڌ جي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي.

تفصيل موجب ان ملاقات م سنڌ جي ترقياتي منصوبن ۽ عوامي پراجيڪٽن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. تعليم، صحت ۽ اسپتالن جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي سنڌ جي اسيمبلي ميمبرن وزير اعظم کي صوبي جي مسئلن بابت آگاهه ڪيو.  وزير اعظم سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

وزير اعظم پاڪستان چيو ته حڪومت مسئلن جي حل ۾ هر ممڪن سهڪار ڪندي، سنڌ جي عوام کي پيش مسئلن جو مڪمل طور حل ڪيو ويندو.

هن چيو ته ڪجهه ڏينهن جي لاءِ سنڌ جو دورو ڪندس، قومي وسيلن جي لٽيندڙ جو مڪمل احتساب ٿيندو.

You might also like