ڪافي بابت حيران ڪندڙ انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪافي پيئڻ جا هونئن ته ڪيترائي فائدا آهن پر تازو ئي هڪ تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڪافي پيئڻ سان اوهان جي عمر ۾ واڌ ٿي سگھي ٿي.

جرنل آف آمريڪن ميڊيڪل اسوسيئيشن ۾ ڇپيل تحقيق موجب ڏينهن ۾ 1 کان 8 ڪپ ڪافي پيئندڙ ماڻهن جي عمر ۾ واڌ ٿي سگھي ٿي.

تحقيق موجب ان جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي جو ڪنهن شخص جو جسم ڪيفين کي جذب ڪرڻ جي ڪيتري صلاحيت رکي ٿو، پر اهي ماڻهو جن جو جسم گھٽ يا هوريان هوريان ڪيفين کي جذب ڪري ٿو انهن کي ڪافي جا گھڻا فائدا ٿي سگھن ٿا.

ان کان اڳ هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڪافي پيئڻ سان قيلولا ڪيو وڃي ته اوهان پاڻ کي گھڻو چست محسوس ڪندو.