ٽنڊي الهيار ۾ اٽي جو بحران برقرار، سستن اسٽالن تي بدنظمي،احتجاج

ٽنڊوالهيار ( رپورٽ : حسرت لغاري)ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ اٽي جو بحران جيئن جو تيئن برقرار، انتظاميه پاران لڳايل سستي اگهه جي فراهمي واري اسٽالن تي بدنظمي، سفارش تي اٽو فراهم ڪرڻ خلاف مسڻ ۾ ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو، خبر موجب   ٽنڊوالهيار ۾ اٽي جي بحراني شدت برقرار، خبر موجب ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ اٽي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آھي دوڪاندارن ۽ چڪين تي بليڪ تي اٽو وڪرو ٿي رھيو آھي.  ڊي سي پاران ضلعي اندر اٽي جي کوٽ ۽ وڌيڪ اگهه تي وڪرو ٿيڻ جو نوٽس وٺندي چڪي مالڪن ۽ فلور مل مالڪن سان اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ڊي سي پاران 70 روپيا ڪلو اٽي جي وڪري جو نوٽيس جاري ڪيو ويو هو. ڊي سي پاران جاري ڪيل نوٽس تي عمل نه ٿيو، ضلعي اندر اٽو 150 کان 160 روپيا ڪلو وڪرو ٿي رھيو آھي. جڏهن ته انتظاميه توڙي پرائيز ڪنٽرول اٿارٽي وڌيڪ اگهه وٺندڙ دڪاندارن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آھي. ضلعي انتظاميه پاران چمبڙ، مسڻ، سلطان آباد، جهنڊومري سميت مختلف شهرن ۾ لڳايل سستي اٽي جي فراهمي وارن اسٽالن تي بدنظمي ڏسڻ ۾ آئي. ماڻهن جي وڏن هجومن جي موجودگي باوجود تمام گهٽ مقدار ۾ اٽي جا ڪٽا اماڻيا ويا. جنهن ڪري افراتفري وارو ماحول رهيو. مسڻ ۾ لڳايل اسٽالن تان اٽو نه ملڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا ويا. انهي موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته هتي سفارشي ماڻهن کي وڌيڪ اٽو ڏنو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.