سڪرنڊ هاءِ اسڪول مان سامان چوري واقعي خلاف احتجاج

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ هاءِ اسڪول مان وڏي تعداد ۾ قيمتي سامان چوري ، هاءِ اسڪول هيڊ ماستر ۽ استادن پاران سڪرنڊ ٿاڻي تي چورن  خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پهتا ته پوليس عملي پاران مٿين آفيسرن سان مشورو ڪري بعد ۾ ڪيس داخل ڪنداسين چئي استادن کي واپس ڪري ڇڏيو . استادن پاران چورن کي گرفتار ڪري  چوري ڪيل سامان واپس نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو آهي،ان موقعي تي هنن  موقعي تي محمد الياس خانزاده ، لقمان ڪيريو ، عبدالرب راجپوت ٻڌايو ته اسان جي اسڪول مان پنکا ، درين جو گرلون ، سولر پليٽون ۽ بيٽريون ۽ بيچن جا لوهي فريم چوري ٿي ويا آهن. ڪجھ وقت اڳ اسان پهريان به چورن قابو ڪري پوليس حوالي ڪيو هو پر پوليس کي ڇڏي ڏنو هينئر به اسان چوري ٿيل سامان جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ آياسين ته اسان کي بالا آفيسرن سان مشورو ڪرڻ جو چئي ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن اسان جو چوري ٿيل سامان واپس نه ڪرايو ويو ته اسان اسڪولن کي تالا هڻي شاگردن سان گڏ سڪرنڊ ٿاڻي آڏو احتجاج ڪنداسون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.