آئوٽ آف سليبس پيپر ڏنو ويو:سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾درخواست داخل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ميديڪل ٽيسٽ دوران آئوٽ آف سليبس پيپر ۾وڏي تعداد ۾شاگردن جي فيل ٿيڻ تي 30 کان وڌيڪ شاگردن ۽شاگردياڻين هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.درخواست گذارن پنهنجي موقف ۾ چيو ته 9سوالن جا ڪيئر غلط ۽ 20 کان 25 تائين سوال آئوٽ آف سليبس هئا، اسان ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي آڏو احتجاج ڪيو، اسان کي تسلي ڏني وئي، جنهن ته اسان احتجاج ختم ڪيو، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جيڪي وعدا ڪيا، انهن کي پورو ڪيو وڃي.درخواست گذارن موجب 13 ڊسمبر تي ڪاميباب اميدوارن جي لسٽ لڳائي ويندي، انتظاميا جي غلطي سان اسان جو مستقبل داءُ تي لڳايو ويو آهي .چيف جسٽس ٻاررن جي مستقبل جي حوالي سان نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.