ايراني حڪومت تي تنقيد جي الزام هيٺ فٽبالر سوگهو

تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران ۾ حڪومت تنقيد ڪندڙ فٽبالر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ووريا غفوري کي ايراني سيڪيورٽي فورسز مقامي فٽبال ڪلب ۾ ٽريننگ سيشن کانپوءِ گرفتار ڪيو.

ايراني اختيارين موجب 35 ورهين جي فٽبالر ووريا غفوري کي ايراني سرڪار خلاف پروپيگينڊا ۽ تنقيد جي الزام هيٺ حراست ۾ ورتو ويو آهي، مٿس حڪومت مخالف مظاهرن جي حمايت ڪرڻ جو به الزام آهي.

واضح رهي ته ووريان غفوري قطر ۾ جاري فيفا ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم ۾ شامل هو پر کيس آخري موقعي تي ٽيم مان نيڪالي ڏني وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.