راڻيپور لڳ قتل ٿيل نوجوان جو جرڳو، 15 لک ڏنڊ جي فتويٰ

راڻيپور(ن ع آ) راڻيپور جي ڳوٺ گڏيجي ۾ 9 سال اڳ قتل ٿيل محمد امين شيخ جي قتل جو نبيرو حاجي رياضت ملاح جي سرپئنچي  ۾ ٿي گذريو. جنھن ۾ قتل ڪندڙ سولنگي برادري جي ماڻھن مٿان ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 15 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. جڏھن ته مقتول محمد امين شيخ کي سندس زال نغمه شيخ ۽ چاھيندڙ علي محمد سولنگي بيدردي سان قتل ڪري سندس جا لاش جا ٽڪرا ڪري ٻوري ۾ بند ڪري اڇلايو ويو ھو. جنھن بعد ڪجهه عرصو پهريان سيشن ڪورٽ خيرپور پاران جوابدارن مقتول جي زال نغمه شيخ ۽ علي محمد سولنگي کي عدالت سڳوري 25  سال  قيد جي سزا ٻڌائي هئي. جنهن ۾ جوابدار علي محمد سولنگي خيرپور سينٽرل جيل ۾ قيد آهي ۽ مقتول جي زال نغمه شيخ وومين جيل سکر ۾ سزا ڪٽي رھيا آهن. جڏھن ته نبيري ۾ ٻنھي ڌرين پاران رئيس محبت شاھاڻي، حاجي غلام سرور سرڪي، ڀوتار سرڪي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جنھن بعد فيصلي ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ڏنڊ مقرر ڪرڻ بعد ٻنھي ڌرين فيصلو قبول ڪري ورتو ۽ ڌريون کير کنڊ ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.