خانپور ويجهو هٿياربند ٽريڪٽر ڦري ڊرائيور به اغوا ڪري ويا، وارثن جو ڌرڻو

خانپور (ن ع آ ) خانپور ويجھو هٿياربند زمين تي ھر ڪاھيندڙ ٽريڪٽر ڦري ڊرائيور اغوا ڪري ويا. ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڪي بي الله بخش روڊ ڀرسان سون واھ ڀرسان ڳوٺ آريجا واسي شرف دين پھوڙ کي مبينا طور تي اغوا ڪري هٿياربند ٽريڪٽر ڪاهي ويا. اطلاع تي سوين ڳوٺاڻا ۽ پھوڙ برادري جا ماڻهو واقعي واري ھنڌ پھچي پوليس ساڻ ڪري  پيرا کنيا، پيرا خانپور جي ڪچي واري علائقي ڏھ ميل تي گُم ٿي ويا. اغوا ٿي ويل شرف دين پھوڙ جي وارثن ۽ يو سي آريجا جي چيئرمين واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي عبدالحئي پھوڙ، ولي الله پھوڙ ۽ ٻين چيو ھو ته خانپور تعلقي بدامني چوٽ چڙھيل آھي، خانپور تعلقي جو ڪو به روڊ رستو محفوظ ناھي، ماڻھو گھرن ۾ به غير محفوظ آھن پوليس امن و امان بحال ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي، شڪارپور ضلعو ڏوهارين جو قلعو بڻجي ويو آھي، دانهن باوجود پوليس ڪارروائي نه ٿي ڪري، ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته مغوي آزاد ڪرائي امن امان بحال ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.