نئين آرمي چيف جو اعلان ٿيو ته عمران خان جي جلسي سان ڪهڙو فرق پوندو؟ نثار کهڙو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)   پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته نئين آرمي چيف جي مقرري جو اعلان 25 نومبر تي ٿي ويندو ته پوءِ 26 نومبر تي عمران خان جي پنڊي جلسي ۽ مارچ سان ڪهڙو فرق پوندو.

پيپلزپارٽي اڳواڻ موجب پيپلز پارٽي ٻئي مرحلي جي بلدياتي چونڊن لاءِ تيار آهي ۽ اسين اليڪشن ڪميشن جي 15 جنوري تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي کي ويلڪم ڪيون ٿا.

هن چيو ته عمران خان جو لانگ مارچ نه پر فرلانگ مارچ آهي ان لاءِ کيس سوچڻ گهرجي ته هن کي ڪجهه ماڻهو غلط صلاحون ڏئي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.