منظور پشتين ۽ محسن داوڙ جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چڙ ڏياريندڙ تقريرن واري ڪيس ۾ روپوش جوابدارن پي ٽي ايم اڳواڻ منظور پشتين ۽ ايم اين اي محسن داوڙ خلاف ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ڪراچي سينٽرل جيل ۾ دهشتگردي ٽوڙ ڪمپليڪس ۾ خاص عدالت آڏو پي ٽي ايم اڳواڻ منظور پشتين ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر محسن داوڙ خلاف چر ڏياريندڙ تقريرن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي بعد عدالت ڪيس ۾ روپوش جوابدار منظور پشتين ۽ محسن داوڙ جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي وارنٽ بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ست ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته جوابدارن خلاف چڙڏياريندڙ تقريرن واري معاملي تي شاهه لطيف ٿاڻي ۾ 2018ع ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.