10 لک انعام رکيل 37 ڪيسن ۾ گهربل ڌاڙيل گرفتار

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ڪراچي ۾ اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ سي آءِ اي پوليس ڪراچي سان گڏجي ڪارروائي ڪري 10 لک روپيا انعام يافته 37 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ روپوش ڌاڙيل کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران خان ٻڌايو ته گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ اميربخش عرف بٽو ولد ميانداد ابڙو جي نالي سان ٿي آهي، گرفتار ڌاڙيل مٿان دادو، قمبر شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي خونريزي، ڌاڙن ۽ پوليس مقابلن جهڙا سنگين نوعيت جا 37 ڪيس داخل آهن، گرفتار ڌاڙيل ڪيترائي سال سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث رهيو ۽ پيرسني جي ڪري گذريل 10 سالن کان ڏوهن کان غير متحرڪ ٿي پنهنجي سڃاڻپ تبديل ڪري ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪري ويٺو هو. ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار ڌاڙيل مٿان لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي، باقراڻي، باڊهه، ڏوڪري، ڳيريلو، ويهڙ، قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي قمبر، شهدادڪوٽ، نصيرآباد، وڳڻ، مهي مڪول ۽ دادو ضلعي جي ٿرڙي محبت ٿاڻن تي خونريزي، ڌاڙن ۽ پوليس مقابلن جهڙا سنگين نوعيت جا 37 ڪيس داخل آهن جيڪو 10 لک روپيا انعام يافته ڌاڙيل آهي جنهن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.