دريا خان مري لڳ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، جي ڊي اي پاران احتجاج

دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري ۾ ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿيڻ خلاف جي ڊي اي  پاران احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، جي ڊي اي اڳواڻن عبدالحفيظ عبدالحي خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دريا خان مري ڦل روڊ تي ڳوٺ مولوي گل محمد خاصخيلي وٽ ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي سبب نوشھرو فيروز نواب شاھ ڏانھن ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيھجي ويون، جڏھن ته مظاھرين پاران چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي احتجاج ڪندڙن چيو ته اپوزيشن ۾ ھجڻ ڪري کين مڪمل طور تي نظر انداز ڪري امدادي سامان من پسندن ۾ ورھايو پيو وڃي، ھنن ٻڌايو ته ٻوڏ ۾ متاثرن جا اجھا توڙي کاڌ خوراڪ جو سامان لڙھي ويو تنھن باوجود ھيل تائين سندن ڪنھن به سار ناھي لڌي،  ٻوڏ متاثرن جي واھر ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.