بي آءِ ايس پي ٻارن جي تعليم ۽ صحت لاءِ وظيفا ڏئي رهي آهي: شازيا مري

اسلام آباد(م ڊ) غربت جي خاتمي، سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ چيئرپرسن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شازيا مري ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ٻارن لاءِ بينظير سار سنڀال پروگرام ۽ بينظير تعليمي وظيفن ذريعي هزارين غريب خاندانن کي ٻارن جي تعليم ۽ صحت لاءِ وظيفا ڏئي رهي آهي. شازيا مري چيو ته 20 نومبر جو ڏينهن ٻارن جي عالمي ڏينهن تي اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب لکين ٻار بي گهر ٿيا ۽ اسان جي مدد جا منتظر آهن، اسان کي گهرجي ته اسان سڀئي ملي ڪري ان مصيبت م گهيريل ٻارن جي مدد ڪيون. هن چيو ته هي ڏينهن ٻارن جي چڱڀلائي جي لاءِ ملي ڪري ڪم ڪرڻ جو ڏينهن آهي. وفاقي وزير هن پروگرام ذريعي مائرن ۽ ٻارن کي وٽامنز ۽ منرل جا ساشا ڏيڻ جي حوالي سان چيو ته ٻارن کي صحتمند بڻائڻ ضروري آهي، تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي هن چيو ته بينظير تعليمي وظيفن ذريعي غريب خاندانن کي ٻارن جي بنيادي تعليم جي حاصلات لاءِ وظيفا مهيا ڪيا وڃن ٿا انهن ۾ نياڻين کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي ته جيئن غريب والدين انهن جي تعليم ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.