26 نومبر تي سرپرائز ملندو، حملي جي خطري باوجود پنڊي پهچندس: عمران خان

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 26 نومبر تي سڀني کي سرپرائز ملندو، ، حملي جي خطري باوجود پنڊي پهچندس. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مون کي انهن جي پلاننگ جي خبر آهي پر مان اڳتي جي پلاننگ ڪري رهيو آهيان، جنهن کي به آرمي چيف لڳايو مون کي مسئلو ناهي. هن چيو ته حڪومت هاڻي ٻنهي پاسن کان ڦاسي پئي آهي، جيڪڏهن چونڊون ڪرائي ٿي ته عوام کين موٽ نه ڏيندو ۽ جيڪڏهن چونڊون نٿي ڪرائي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جو خطرو آهي. سندس موجب اسان جي ڪوشش آهي ته جلد کان جلد صاف ۽ شفاف چونڊون ٿين، ملڪي مسئلن جو حل رڳو نين چونڊن ۾ آهي. هن چيو ته مون تي حملي جو خدشو آهي پر ان باوجود زخمي ڄنگهه سان گڏ مارچ ۾ ويندس. عمران خان دعويٰ ڪئي ته مون کي صدر عارف علوي ذريعي پيغام موڪليا ويا آهن پر منهنجو هڪ ئي مطالبو آهي ته چونڊن جي تاريخ ڏيو، ان کانپوءِ سموري ڳالهه ٻولهه ٿيندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.