ملير ۾ نينگريءَ جي قتل بعد قائد آباد ٿاڻي جو اي ايس آءِ ۽ وڏو منشي معطل

ملير  (ڊ ر) ملير جي علائقي قائد آباد ۾زيادتي جو نشانو بڻائي قتل ڪيل نينگري منيبا  جي ڪيس ۾ پوليس 10 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.جن کان  جاچ  شروع ڪئي وئي آھي.هوڏانهن غفلت جو مظاهرو ڪرڻ تي قائد آباد ٿاڻي جي اي ايس آءِ ۽ وڏي منشي کي معطل ڪيو ويو.نينگري جي والد موجب منهنجي نياڻيءَ کي گذريل ڏينهن بيدرديءَ سان قتل ڪري لاش ڪچر جيڍير تي اڇلايو ويو. واقعي ۾ ملوث جوابدار وائکا ڪيا وڃن جڏهن ته ايس ايس پي عرفان بهادر نينگريءَ جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ ٻيهر واقعي واري هنڌ جو جائزو ورتو.ايس ايس پي ملير موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، 10 ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي حراست ۾ ورتوآهي.جوابدارن جا جزا وٺي چڪاس لاءِ ليبارٽري اماڻيا ويندا، جاچ ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪبي، متاثر خاندان کي انصاف ڏنو ويندو.ٻئي طرف صوبائي وزير شهلا رضا متاثر خاندان وٽ پهچي واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير شهلا رضا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، اسان وارثن سان تعزيت ڪرڻ لاءِ پهتا آهيون، تصويرون ڪڍرائڻ ناهيون آيا. هن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه قتل جو نوٽس ورتو آهي ۽ ايس ايس پي ملير سان به مسلسل رابطي ۾ آهيون ته جيئن وارثن کي انصاف ملي سگهي ۽ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي، صوبائي وزير شهلا رضا چيو ته قاتلن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تي پهچايو ويندو، هن مهل تائين جيڪي به اهڙا واقعا پيش آيا آهن، انهن ڪيسن جا جوابدار پوليس گرفتار ڪندي آئي آهي. هن چيو ته هي چائلڊ پروٽيڪشن جو ڪم آهي ته ٻارڙن جي حفاظت ڪن پر هو هتي ناهن پهتا، کين پهچڻ گهرجي ها، اسان قتل ٿيل نينگري جي وارثن کي ليگل مدد به مهيا ڪنداسين ۽ انشالله هر صورت ۾ وارثن کي انصاف ڏياريو ويندو هن چيو ته والدين به پنهنجي ٻارڙن جي حفاظت ڪن ۽ کين اڪيلو ٻاهر نڪرڻ نه ڏين، ڇو ته گهٽين ۾ ڦرندڙ اهڙا وحشي درندا جنهن جي اندر ۾ انسانيت ناهي، انهن جو شڪار ٿي وڃن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.