سيف علي خان جو وڏو پٽ به بالي ووڊ ۾ انٽري لاءِ تيار

بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي وڏي پٽ ابراهيم اداڪاري جي دنيا ۾ پير پائڻ لاءِ تياري ڪري ڇڏي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب ابراهيم علي خان ڪرن جوهر جي پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ فلم ۾ اداڪار طور پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪندو.

رپورٽس موجب ان فلم جي هدايتڪاري بالي وو ڊ اداڪار بومن ايراني جي پٽ ڪيوزسرا ڪئي آهي. اها فلم 2023 ۾ ريليز ٿيندي.

واضح رهي ته اداڪاري جي شعبي ۾ پير پائڻ کان اڳ ابراهيم علي خان ڪرن جوهر جر ايندڙ فلم راڪي ۽ راني ڪي پريم ڪهاني ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.