عمران خان کانپوءِ پي ڊي ايم سان گڏياسين پر مسئلا حل نه ٿيا: وسيم اختر جون دانهون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ وسيم اختر چيو آهي ته ايم ڪيو ايم چاهي ٿي پنهنجي ڊگهي جدوجهد عوام سامهون رکي، متحده ڪراچي جي مسئلن سبب پارٽين سان گڏ ٿي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وسيم اختر چيو ته 4 سالن ۾ عمران خان ڪيتريون کي ميٽنگز ٿيون پر ڪڏهن مسئلو حل نه ٿيو، پوءِ اسان پي ڊي ايم سان معاهدو ڪيو، پوءِ به مسئلو حل نه ٿيو.

هن چيو ته جڏهن ايم ڪيو ايم  جي ميئر شپ هئي ته اختيار نه هئا، اسان سپريم ڪورٽ وياسين، جنهن جو فيصلو گلزار صاحب ڏنو، سپريم ڪورٽ چيو ته مڪاني نظام مضبوط هجڻ گهرجي.

سندس موجب انهن ئي نڪتن تي پ پ سان گفگتو ڪئي هئي، پ پ کي به اسان معاهدي کانپوءِ 140 اي جي مضبوطي جو چيو، آصف زرداري ۽ بلاول انهن مطالبن کي جائز مڃيو.

وسيم اختر چيو ته اسان اختيارن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، هڪ جنگ سياسي جماعتن سان ۽ ٻي عدالت ۾ وڙهي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.