نئين آرمي چيف جي مقرري سان سياسي بحران ختم ٿي ويندو؟

تحرير: فرحت جاويد

اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي جڳ مشھور صحافي اوريانا فلاسي کي ڏنل انٽرويو ۾ آرمي چيف جنرل ٽڪا خان جي مقرريءَ جو دفاع ڪندي چيو ھو تھ  ’ٽڪا خان (اوڀر پاڪستان ۾) اهو ئي ڪيو جيڪو کيس حڪم مليو ھو، چاھي ھو (دل ۾)ان  حڪم جي حمايت نه ڪندو ھجي. مون هن کي انڪري ھن کي چونڊيو آهي جو، مون کي خبر آهي ته هو منهنجا حڪم بھ ساڳي ڊسپلين سان مڃيندو.

پنجن ڏهاڪن بعد گذريل سال بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ تڏھوڪي  اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري هڪ سوال جي جواب ۾ چيو هو ته ”فوج پاڪستان ۾ اسٽيڪ هولڊر آهي، چاهي ڪو مڃي يا نه. ٻين ملڪن وانگر، ھتي بھ فوج هڪ اسٽيڪ هولڊر آهي“ اهي ٻئي بيان ملڪي سياست ۾ فوجي قيادت ۽ ان جي مبينا اثر رسوخ جي حوالي سان پاڪستان جي هر سياستدان جي لڳ ڀڳ ساڳي سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا. اُن وقت جڏهن جمهوريت نئين قائم ٿي هئي ۽ اڄ جڏهن اها ڪيترن ئي تلخ تجربن مان گذري چڪي آهي، هڪڙو  سوال نه بدليو آهي ته، نئين آرمي چيف جو سياسي جھڪاءُ ڪهڙي طرف هوندو،ڪنھن بھ جمھوري معاشري ۾سروسز چيفس يعني آرمي چيف جي مقرري معمول جي ڪارروائي آھي، پاڪستان ۾ هٿياربند فوج جا سربراهه 22 گريڊ جا آفيسر آهن ۽ انهن جهڙا ٻيا به درجنين آفيسر مختلف ادارن ۾ مقرر آهن، پر انهن جي مقرريءَ جون  خبرن ڪا بھ جاءِ نه ولارينديون آهن،فضائي ۽ بحري فوج جي اڳواڻ جي مقرري جو پتو بھ  هڪ پريس رليز سان پوندو آھي. بري فوج جي چيف جو معاملو خاصو مختلف ھوندو آھي، ايتري تائين جو نئين آرمي چيف جي مقرر ٿيندي ئي ’ايندڙ سربراهه ڪير ٿيندو‘ جو بحث شروع ٿي ويندي آهي.

هڪ طرف صحافي ان سوال جي کوجنا ڪندا آھن ته ايندڙ آرمي چيف لاءِ سينيئر ڪير هوندو،ڪنھن  ڪهڙي تاريخ تي ڪمان سنڀالي ۽ ڪير رٽائر ٿيڻ سبب آرمي چيف جي عهدي تي مقرري کان ٻاهر آهي، ٻئي طرف سياستدان اھا معلومات گڏ ڪرڻ شروع ڪندا آھن تھ ڪھڙو ليفٽيننٽ جنرل ڪهڙي سياستدان جو مائٽ آهي يا ڪهڙي سياسي خاندان لاءِ نرم رويو رکي ٿو.

افواهن جي بازار گرم ھوندي آھي  ۽ افواهن ڪري  ڪڏهن ڪڏهن اهڙا فيصلا  ٿيندا آھن ، جن بابت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف هڪ ڀيرو چيو هو ته، ”مون جنرل مشرف جي مقرري جو فيصلو تڪڙ ۾ ڪيو هو، مون کي غلط صلاح ڏني وئي هئي“ شجاع نواز پنهنجي ڪتاب ”ڪراسڊ سورڊز“ ۾ لکي ٿو ته نواز شريف جو اشارو انهن افواهن ڏانهن هو، جيڪي ان وقت ليفٽيننٽ جنرل علي قلي خان ۽ ڪجهه ٻين آفيسرن جي باري ۾ گردش ڪري رهيا هئا. جنھن موجب ته اھي سياسي لاڙو رکن ٿا“ فوج انهن الزامن کي سختيءَ سان رد ڪيو آهي ته ان جي قيادت سياست ۾ مداخلت ڪري ٿي، يا ان جا ڪنهن به سياستدان چاھي اھو حڪومت مان ھجي يا اپوزيشن ،سان سٺا يا خراب لاڳاپا آهن. پر گذريل ڪجهه مهينن ۾ الزامن، رد عملن ۽ بيانن ۾ اضافو ٿيو آهي. فوجي ترجمان ڪيترائي ڀيرا ورجائي چڪو آهي ته اهي هاڻي ‘غير جانبدار’ آهن ۽ سياست ۾ مداخلت نه ڪندا. پر جيڪي ماڻهو سياست جي داءُ پيچ  کي سمجهن ٿا، سي اڃا به فوجي قيادت جي حمايت کي اهم سمجهن ٿا ۽ انھن کي سياست کان الڳ نٿا ڪري سگهن. جيئن سينيئر تجزيه نگار عامر ضياءَ جو چوڻ آهي ته ”پاڻ کي غير سياسي چوڻ واري فوج غير سياسي هئڻ جي باوجود سياسي آهي.“ ڇا موجوده سياسي بحران ان وقت ختم ٿي ويندو جڏهن نئون آرمي چيف عھدو  سنڀاليندو ؟ ان سوال جو جواب سمجهڻ کان اڳ اچو ته هڪ نظر وجهون موجوده آرمي چيف ۽ سياسي پارٽين جي نئين مقرري بابت موقف تي. گذريل ڏهاڪن ۾ فوج تي وڏن سياسي اڳواڻن کي پاسيرو ڪرڻ ۽ چونڊن ۾ مداخلت جا الزام لڳندا رھيا آهن. جڏهن اڳوڻو وزيراعظم عمران خان اقتدار ۾ آيو ته ان وقت جي اپوزيشن پارٽين خاص ڪري مسلم ليگ (ن) ساڳيا الزام ورجايا هئا.

اهڙي طرح اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۾ اختلاف به ان وقت سامهون آيا هئا جڏهن آءِ ايس آءِ جي موجوده سربراهه جي مقرري ٿي رھي ھئي. ان معاملي کان ڪجهه مهينا پوءِ انهن مخالف پارٽين بي اعتمادي جي ڪامياب رٿ آندو، جيڪي ڪجهه عرصو اڳ اسٽيبلشمينٽ خلاف ”ووٽ کي عزت ڏيو“ جا نعرا هڻي رهيون هيون. ان تحريڪ جي نتيجي ۾ عمران خان کي وزارت عظميٰ تان هٿ ڌوئڻا پيا.

اڄ جڏهن هن عهدي تي مقرري جو وقت آيو آهي ته PDM اتحاد جي حڪومت  آهي جنهن ۾ مسلم ليگ (ن) کي سرسي آهي. آرمي چيف جي مقرري تي هلندڙ ڇڪتاڻ ملڪ ۾ سياسي بحران ۾ تبديل ٿي وئي آهي. هي مقرري ايتري  اهم آهي جو جڏهن مون مسلم ليگ (ن) جي هڪ سينيئر اڳواڻ کان عدم اعتماد واري رٿ آڻڻ جو سبب پڇيو ته، ان جو جواب هن ريت هو ، هن وقت پي ڊي ايم جي ڪا به پارٽي اهو نه ٿي چاهي تھ هڪ شخص آرمي چيف مقرر ڪرڻ چاھي ٿو.ڇاڪاڻ جو ائين ٿيو ته اسان  ايندڙ اليڪشن هارائي وينداسين.

اها ان وقت جي ڳالھھ آھي  جڏهن اڃان مقرري ڪيترائي مهينا پري هئي.

موجوده آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي 2016ع ۾ مقرر ڪيو ويو هو. 2019ع ۾ عمران خان ان جي ملازمت  جي مدي ۾ واڌ ڪئي تھ ان وقت پڻ اهو معاملو تمام گهڻو بحث جو سبب بڻيو. پر جيڪو بحران اڄ آھي ان جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي. پوءِ ڇا مقرري بعد ملڪ مان سياسي بحران ختم ٿي ويندو؟ ان سوال جي جواب ڳولڻ لاءِ بي بي سي مختلف سياسي مبصرن ۽ اڳوڻن فوجي آفيسرن کان سندن راءِ معلوم ڪئي.

اڳوڻي آرمي جنرل امجد شعيب جو چوڻ آهي ته، هن وقت مريم نواز طرفان ڪنهن جو نالو ورتو پيو وڃي ته هو سياست ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، ڪنهن جو تعلق آصف زرداري سان ڳنڍيو پيو وڃي ته ڪنهن جو مسلم ليگ ن سان ڳنڍيو پيو وڃي. تنهنڪري ان جو بهترين حل اهو آهي ته ڪنهن غير تڪراري آفيسر کي آرمي چيف مقرر ڪيو وڃي. ”هي بحران تڏهن به مڪمل طور تي ختم نه ٿيندو،  پر هڪ غير تڪراري شخص لاءِ اهو نسبتاً آسان ضرور ٿي ويندو. سندس خيال ۾،  هن وقت اھو اهم آهي ته فوجي قيادت بابت عوام جي ڪهڙي راءِ آهي، هڪ غير تڪراري نئين آرمي چيف لاءِ بھ بحران کي ختم ڪرڻ مشڪل هوندو، پر گهٽ ۾ گهٽ سندس ذات  تڪرار کان آجي ھوندي ۽ پوءِ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ هو پاڻ کي ۽ اداري کي سياست کان مڪمل پري ثابت ڪندو. تڏهن ئي سياسي بحران ختم ٿيندو. پر هن وقت اهو تمام ڏکيو نظر اچي رهيو آهي. ان سوال جي جواب ۾  تھ عمران خان جيڪو هن وقت لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي ۽ تازو ئي قاتلاڻي حملي ۾ بچي ويو آهي، ان مقرري کي ڪيئن قبول ڪندو، ان تي ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ امجد شعيب جو چوڻ هو ته ”عمران خان ميرٽ کي سمجهي ٿو ۽ مقرري ميرٽ تي ٿيڻ بعد اھو امڪان آهي تھ ھو اعتراض نه ڪندو. ٻئي طرف نئين آرمي چيف کي به اها ڪوشش ڪرڻي پوندي ته فوج واقعي سياست کان پري آهي ۽ ڪير به اسان جو ”فيورٽ“ ناهي.

سينيئر تجزيه نگار عامر ضياءُ فوج کي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ اڄ  ڪئين ڀيرا وڌيڪ تڪراري سمجھي ٿو ھن جي خيال جو سبب اهو بيانيئو آهي جيڪو پاڪستان جي وچولي طبقي ۾ عمران خان جي ڪري ’مقبول‘ ٿي ويو آهي. ان حوالي سان بي بي سي سان ڳالهائيندي عامر ضياءَ ماضيءَ جو حوالو ڏيندي چوي ٿو ته، ”جڏهن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي حڪومت هڪ فوجي جي هٿان ختم ٿي هئي، تڏهن ماڻهو مٺايون ورهائي رهيا هئا، پاناما ليڪس کانپوءِ جڏهن نواز شريف  وزارت اعظميٰ تان نااهل ڪيو ويو، تڏهن به ڪو وڏو عوامي رد عمل نه آيو هو. پر اڄ جيڪو رد عمل ۽ فوج مخالف تاثر  اسان ڏسي رهيا آهيون، اهو ان حصي مان آهي، جيڪو ڪجهه وقت اڳ فوج جو سڀ کان وڏو حامي هو، يعني مڊل ڪلاس ۽ لوئر مڊل ڪلاس شهري طبقو.

اها هڪ اھڙي حقيقت آهي جنهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ۽ هاڻي فوجي قيادت کي ان خال کي ڀرڻ لاءِ ڪجهه قدم کڻڻا پوندا. عامر ضياءَ جو چوڻ آهي ته نئون آرمي چيف گهٽ ۾ گهٽ سياست جي حوالي سان پنهنجي اڳوڻن اڳواڻن جي پاليسين کي فالو نھ ڪري، عوامي سطح تي فوج مخالف ردعمل جو هڪ سبب خود فوجي قيادت جو ڪرپشن مخالف بيانيئو ۽ پوءِ ان کان پري ٿي وڃڻ به آهي. ھن موجب، رڳو فوجي قيادت ئي ملڪ کي موجوده سياسي بحران مان ڪڍي سگهي ٿي. ”هن وقت پاڪستان ۾ سياسي بحران ملڪ کي مشڪل  ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ان کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته اها سياسي پارٽين جي وس جي ڳالهه ناهي، جيڪو به نئون فوجي سربراهه هوندو، ان کي ئي ڪجهه نھ ڪجھھ  ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته جنهن سُٽ  کي منجھايو آھي، اهو ئي ان کي سلجھائيندو، عامر ضياءَ موجب نئين آرمي چيف لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج اهو هوندو ته  کيس پنھنجي ذات ۾ عوام آڏو  غيرتڪراري ۽ غير سياسي ثابت ڪرڻو پوندو. ھو چئي ٿو تھ ” اھا ڳالھھ عمران خان ۽ شهباز شريف کي سمجهڻ گهرجي ته فوجي سربراھ ڪنھن جو ”پنھنجو ماڻھون“ ناھي ھوندو،ھو فوج ۽ ملڪ جي نمائندگي ڪندو آھي،جيڪو به نئون آرمي چيف ايندو، اهو ان احساس سان ايندو ته ان بابت اھا راءِ ٿي سگھي ٿي تھ اھو ڪنهن پارٽي يا سياسي نظريي جو حامي آھي ۽ ان ڪري ئي کيس هي عهدو مليو. ان ڪري نئين آرمي چيف کي سڀ کان پهريان ان داغ کي ڌوئڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته هو ڪنهن جي حمايت سان آيو آهي“. پر ھن کي به سياسي بحران جو خاتمو  هڪ مشڪل مرحلو نظر اچي ٿو. هو چئي ٿو  ته” اميد آهي ته نئون آرمي چيف شيون درست ڪندو ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. پيار سان يا لٺ ڏيکاريندي، انهن سياسي پارٽين  کي ڪنھن اهڙي حل ڏانھن آڻيندو ته جيئن چونڊون ڪجهه مهينا اڳ ٿين ۽ ٻنهي گروپن لاءِ ون ون  سچوئيشن  پيدا ڪري، جيئن عمران خان جي چونڊ ۽ ٻيون پارٽيون ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرائي چڪيون آهن“ پر جيڪڏهن اهو بحران ايندڙ سال آگسٽ تائين وڃي پهچي ٿو ته نئون فوجي سربراهه به تمام گهڻو تڪراري بڻجي چڪو هوندو. تھ پوءِ هي ملڪ ڪھڙي مصيبت ۾ پئجي ويندو ۽ معيشت جي موجوده حالت جيئن آھي سا وڌيڪ خراب ٿي ويندي. "مسئلو مقرري نه آهي، اها طاقت جي جنگ آهي.”

اڳوڻي بچاءَ واري سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ آصف ياسين جي نظر ۾ سياسي بحران جي پاڙ آرمي چيف جي مقرري نه پر اقتداري ويڙهه واري ٽڪنڊي ۾ آهي، جنهن جا ٽي ڪردار آهن. ”هاڻي لڳي ٿو ته اها طاقت جي ويڙهه آهي جنهن ۾ هڪ جو نالو شهباز شريف آهي، ٻئي جو  عمران خان ۽ ٽيون نالو جنرل قمر باجوا جواچي ٿو، سڀ چون ٿا ته اهو سڀ ڪجهه آرمي چيف جي مقرري سبب ٿيو آهي، پر مان ائين نٿو سمجهان، اها طاقت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. اهڙي صورتحال ۾ منهنجو مشورو اهو هوندو ته هن مقرري جو جلد کان جلد اعلان ڪيو وڃي ته جيئن اهو مسئلو ختم ٿئي“

سندس ساڳيءَ راءِ سان اتفاق ڪندي سينيئر صحافي سليم صافي به سمجھي ٿو ته ”سياسي ميدان ۾ هلندڙ ھل چل ۽ عمران خان جون سرگرميون دراصل نئين آرمي چيف جي مقرري سان ڳنڍيل آهن. ان ڪري جيترو جلد اهو فيصلو ميرٽ تي ٿيندو، اوترو ئي جلداھا دز ويھي رھندي“ ھو چوي ٿو ته ”نئين آرمي چيف جي مقرري سان ڪنهن کي فائدو ٿيندو، ان جي کيس خبر ناھي پر ان جو فائدو اهو ٿيندو ته اڄ ڪلھھ پکڙيل غير يقيني واري ڪيفيت ختم ٿي ويندي ۽ ٻيو اھو تھ پاڪستاني سياست جو ٻيو رخ مقرر ٿي ويندو. سياستدان پنهنجن مسئلن تي ڳالهائيندا ۽ فوجي سربراهه پنهنجو ڪم ڪندو“.

ماضيءَ ۾ جيڪي به حڪومتي پارٽيون سمجهنديون رهيون آهن ته جيڪڏهن اهي اسٽيبلشمينٽ سان هڪ پيج تي ھونديون ته پوءِ اها ئي سندن حڪومت ۾ رهڻ جي ضمانت آهي، جڏهن ته مخالف ڌر جي جماعتن جو اھو خيال رھيو آھي تھ  جيڪڏهن آرمي چيف سندن مرضي جو ھوندو تھ پوءِ اليڪشن ۾ ڪاميابي سندن مقدر ھوندي، پر ٻئي انهن سڀني تجربن مان گذري چڪيون آهن.

هلندڙ سال بي اعتمادي جي رٿ کان اڳ مون مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر احسن اقبال کان پڇيو هو ته ڇا هي رٿ ان لاءِ آندي  پئي  وڃي ته جيئن توهان پنهنجي مرضي سان نئون آرمي چيف مقرر ڪري سگهو؟ تڏهن هن جواب ڏنو: ”پنھنجوماڻھون ڪو بھ نھ ھوندو آھي. اسان تھ اهو تجربو پڻ ڪري ڏٺو آهي.“

(بي بي سي جي ٿورن سان)

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.