ڪراچي ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جا ڌرڻا، پوليس ڪڙڪي پئي، 50 گرفتار

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) پيراميڊڪس، نرسز توڙي ڊاڪٽرن پاران هيلٿ الائونس ۽ ٻيا الائونس بحال نه ٿيڻ خلاف  گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي اسپتالن جي تالابندي ڪري مطالبن جي مڃتا لاء احتجاج ڪيو. پريس ڪلب ٻاهران سنڌ جي مختلف ضلعن مان  آيل قافلن ريلي جي صورت ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ جي ڪبوتر چوڪ اڳيان ڌرڻو هنيو. جي ايڇ اي پاران سنڌ سيڪريٽريٽ جي مک دروازي اڳيان هزارن جي تعداد ۾ پيرا ميڊڪس نرسن توڙي ڊاڪٽرن صحت کاتي جي سيڪريٽري خلاف سخت نعري بازي ڪندي چيو ته سيڪريٽري کي فوري طور تي هٽايو وڃي. ان موقعي تي سنڌ سيڪريٽريٽ ٻاهران پوليس جي وڏي نفري کي پڻ طلب ڪيو ويو. سنڌ سيڪريٽريٽ ٻاهران آل سنڌ پيپلز ميڊيڪل اسٽاف ڪراچي ڊويزن جي صدر نياز احمد خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته جيستائين اسان جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويندا تيستائين ڌرڻو جاري رهندو. سندس چوڻ هو ته پيراميڊڪس نرسن توڙي ڊاڪٽرن کي پنجاب جي پيراميڊڪس. نرسز توڙي ڊاڪٽرن جهڙيون مراعتون ڏنيون وڃن. پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف سنڌ جي صدر سليمان ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته صحت کاتو پنهنجون من مانيون بند ڪري مطالبا تسليم نه ٿيا ته وزير اعلي هائوس اڳيان به ڌرڻو هڻنداسين.احتجاج ڪندڙن سنڌ سيڪريٽريٽ کان وزيراعلي هائوس طرف وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس مٿن ڪڙڪي پئي. پوليس 50 کان مٿي ماڻهن  کي گرفتار ڪري ورتو. سنڌ سيڪريٽريٽ کان ڦوهارا چوڪ تائين  پيراميڊڪس عملي ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. گرينڊ هيلٿ الائس پاران 5 ڪلاڪن تائين صحت کاتي جي سيڪريٽري سان ڳالهيون جاري رهيون پر گرينڊ هيلٿ الائنس ۽ صحت جي سيڪريٽري سان ڳالهيون بنا نتيجي ختم ٿي ويون. گرينڊ هليٿ الائنس پاران احتجاجن وزير اعلي هائوس طرف روانا ٿيا. جنهن کانپوء صحت کاتي پاران ٻيهر گرينڊ هيلٿ الائنس جي اڳواڻن کي طلب ڪري ورتو . رات دير تائين صحت کاتي ۽ گرينڊ هيلٿ الائنس سان ڳالهيون جاري رهيون. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.