عمران خان کي هڪ به گولي ناهي لڳي، راڻا ثناءُالله جي دعويٰ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته عمران خان کي هڪ به گولي ناهي لڳي.

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته کيس چار گوليون لڳيون آهن، کيس هڪ به گولي ناهي لڳي.

ياد رهي ته اسپتال مان ويل چيئر تي ويهي پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته کيس چار گوليون لڳيون آهن.

وفاقي گهرو وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته هي آزاد بورڊ ويهارين جنهن ۾ عمران خان جو ڪوڙ پڪڙجي پوندو.

هن چيو ته عمران خان ڪوڙو انسان آهي، جيڪڏهن اهو به ثابت ٿي وڃي ته هڪ بدران ٻه برسٽ هليا آهن تڏهن به اسان ذميوار آهيون.

هن چيو ته پنجاب ۾ حڪومت هنن جي آهي ته هن واقعي جا ذميوار اسان ڪيئن ٿياسين، سيڪيورٽي ڏيڻ جو ڪم پنجاب حڪومت جو هو.

ان کانسواءِ اڄ پي ٽي آءِ وارن پاران راڻا ثناءُالله جي آفيس ٻاهران احتجاج ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي جنهن جو پڻ نوٽيس وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.