علي امين گنڊاپور جي مبينا شراب جي بوتل عدالت ۾ پيش!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف شراب هٿ اٿڻ واري ڪيس ۾ گاڏي مان هٿ آيل شراب جي بوتل پيش ڪئي وئي جنهن تي شاهد رڪارڊ جو حصو بڻائڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف هٿيار ۽ شراب هٿ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

علي امين گنڊاپور جو وڪيل ظهور الحسن، پراسيڪيوٽر خيام عباسي عدالت ۾ پيش ٿيا.

جڊيشل مئجسٽريٽ صهيب بلال علي امين گنڊاپور خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ڪيس جو آخري شاهد يونس وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن بعد علي امين گنڊاپور خلاف ڪيس جي سمورن شاهدن تي جرح مڪمل ڪئي وئي.

گاڏي مان هٿ آيل بوتل ثبوت طور عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. شاهد يونس شاهدي طور بوتل کي رڪارڊ جو حصو بڻائڻ جي تصديق ڪئي.

علي امين جي وڪيل ظهور الحسن چيو ته علي امين گنڊاپور جو سوال پيپر فراهم ڪيو وڃي.

جج صهيب بلال چيو ته علي امين گنڊاپور کي سوال پيپر جمع ڪرائڻ وقت عدالت ۾ هجڻ ضروري آهي، هاڻي علي امين گنڊاپور کي ضلعي عدالت ۾ ڪڏهن اچڻو آهي؟

وڪيل ظهور الحسن چيو ته سوال پيپر سڀاڻي فراهم ڪيو وڃي، جج هدايت ڪئي ته سوال پيپر سڀاڻي ڏنو ويندو، مستقبل جي تاريخ به ٻڌائي ويندي.

بعد ۾ علي امين گنڊاپور خلاف اسلحو ۽ شراب برآمدگي ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.