ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ انتظاميا پروفيشنل پينو فقيرن خلاف مهم شروع ڪندي پهرين ڏينهن تي ئي ڪيترائي پينو فقير ڪري ورتا.
ڪشمنر ڪراچي سيد حسن نقوي جي هدايت تي ڏکڻ ضلعي جي پينو فقيرن خلاف مهم شروع ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف علائقن مان فقيرن کي گرفتار ڪري پوليس حوالي ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا.
ڊپٽي ڪمشنر الطاف ساريو ڪراچي ۾ پينو فقيرن خلاف ڪارروائي جي رپورٽ پيش ڪريي ڇڏي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڏکڻ ضلعي جي مختلف ڊويزنن ۾ لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرن پينو فقيرن خلاف ڪارروائي ڪئي جنهن ۾ ڪيترائي فقير گرفتار ڪيا ويا ۽ ڪيس به داخل ڪيو ويو.
You might also like