سکر تعليمي بورڊ ۾ مقررين جو رڪارڊ کُلي ويو، غلام مصطفيٰ پيرزادي خلاف جاچ شروع

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت سکر تعليمي بورڊ ۾ مبينا غيرقانوني مقررين ۽ سروس معاملن جي جاچ لاءِ فيڪٽ فائنڊنگ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.
ڪميٽي بي آءِ ايس سي سکر جي آفيسر غلام مصطفيٰ پيرزادي جي سروس رڪارڊ جي جاچ ڪندي، جڏهن ته سندس پروفائل ۽ ڪيريئر هسٽري جو به مڪمل جائزو ورتو ويندو.
انڪوائري ڪميٽي غلام مصطفيٰ پيرزادي جي شروعاتي مقرري کان وٺي موجوده عهدي تائين سمورين مقررين جو جائزو وٺندي، ان کانسواءِ سندس مقررين، ترقيين، ڪيڊر تبديلين ۽ ٻين سروس معاملن جي قانوني حيثيت ۽ اختيار ڪيل طريقيڪار جي پڻ ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي.
ڪميٽي لاڳاپيل سروس رڪارڊ، سينيارٽي لسٽن، قاعدن ۽ قانونن جو به تفصيلي قانوني جائزو وٺندي، جنهن کانپوءِ سمورن معاملن بابت حقيقتن تي ٻڌل رپورٽ تيار ڪئي ويندي.

You might also like