برمنگهم (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر جو روٽ پاڪستان خلاف ايجبسٽن ٽيسٽ ۾ تاريخ رقم ڪندي ڀارتي ليجنڊ سچن ٽنڊولڪر جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ففٽين جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
پاڪستان خلاف ايجبسٽن ٽيسٽ ۾ جو روٽ 62 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، جيڪا ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سندس 69هين ففٽي اسڪور ڪئي.
ان ففٽي سان جو روٽ سچن ٽنڊولڪر کي پوئتي ڇڏي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ففٽين ٺاهيندڙ بيٽرن جي فهرست ۾ پهرئين نمبر تي اچي ويو.
جو روٽ اهو ڪارنامو 309 اننگز ۾ انجام ڏنو، جڏهن ته ٽنڊولڪر 329 اننگز ۾ 68 ففٽيون اسڪور ڪيون هيون.
ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ففٽيون ٺاهيندڙ بيٽرن جي فهرست ۾ ويسٽ انڊيز جو شيو نارائڻ چندرپال 66 ففٽين سان ٽئين نمبر تي آهي، جڏهن ته اڳوڻو آسٽريلوي ڪپتان ايلن بارڊر ۽ ڀارتي ليجنڊ راهول ڊريوڊ 63، 63 ففٽين سان گڏيل طور چوٿين نمبر تي آهن. اڳوڻو آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ 62 ففٽين سان پنجين نمبر تي آهي.
ٽنڊولڪر جو وڌيڪ هڪ وڏو رڪارڊ به جو روٽ جي نشاني تي
ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچرين جو رڪارڊ به سچن ٽنڊولڪر وٽ آهي، جنهن 51 سينچريون ٺاهيون آهن.
ڏکڻ آفريڪا جو جيڪ ڪيلس 45 سينچرين سان ٻئي نمبر تي آهي، جڏهن ته جو روٽ ۽ رڪي پونٽنگ 41، 41 سينچرين سان گڏيل طور ٽئين نمبر تي موجود آهن.
ان کانسواءِ جو روٽ سچن ٽنڊولڪر جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسن جو رڪارڊ ٽوڙڻ جي ڊوڙ ۾ به سڀ کان اڳتي آهي.
سچن ٽنڊولڪر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 15921 رنسون ٺاهيون آهن، جڏهن ته 35 ورهين جو جو روٽ هن وقت 14278 رنسن سان ٻئي نمبر تي موجود آهي.
ايڪٽيو ڪرڪيٽرن مان ڪو ٻيو بيٽر ٽنڊولڪر جي رڪارڊ جي ايترو ويجهو ناهي.
رڪي پونٽنگ 13378 رنسن سان ٽئين نمبر تي آهي، جڏهن ته موجودا ٽيسٽ ڪرڪيٽرن ۾ آسٽريليا جو 37 ورهين جو اسٽيو سمٿ 10920 رنسن سان موجود آهي، پر هو ٽنڊولڪر جي رڪارڊ کان اڃا گهڻو پري آهي.
You might also like