ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي نون صوبن جي حمايت ڪندي چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ ويهي سڄي بلوچستان کي ڪنٽرول ڪرڻ ممڪن ناهي، نوان صوبا ٺاهيا وڃن ته اهي لساني نه پر انتظامي بنيادن تي قائم ٿيڻ گهرجن.
سينيئر صحافين سان وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهائيندي سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ڏکين حالتن ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيون آهن، جڏهن ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رياستي ادارا هم آهنگي سان ڪم ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته رياست خلاف هٿيار کڻندڙن سان ڪنهن به صورت ۾ ڳالهين نه ٿينديون. دهشتگردي ڪنهن هڪ صوبي جو نه، پر سڄي پاڪستان جو مسئلو آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ قومي سطح تي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.
سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان ۾ آخري دهشتگرد جي موجودگي تائين جنگ جاري رهندي، جڏهن ته دهشتگردي خلاف سول ۽ عسڪري قيادت متفق ۽ هڪ موقف تي قائم آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو مونجهارو ناهي.
بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته بلوچستان ۾ اڍائي اڍائي سالن جي حڪومتي معاهدي بابت کيس ڪا ڄاڻ ناهي، حڪومت ۾ تبديلي جو فيصلو سياسي قيادت کي ڪرڻو آهي، جيستائين عهدي تي آهيان، عوام جي خدمت جاري رکندس.
هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ ڪرپشن ۾ گهٽتائي آئي آهي، تعليمي ادارن سميت سمورن سرڪاري کاتن ۾ ميرٽ يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته بلوچستان جا ترقياتي منصوبا پڻ ماضي جي ڀيٽ ۾ رڪارڊ وقت ۾ مڪمل ٿيا آهن.
سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان مان 11 لک افغان مهاجرن سميت ٻين پرڏيهين کي سندن وطن واپس موڪليو ويو آهي.
لاپتا ماڻهن جي مسئلي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اهو معاملو ڪڏهن ڪڏهن درست پسمنظر کانسواءِ پيش ڪيو ويندو آهي.
ڪوئيٽا ۾ ويهي سڄي بلوچستان کي هلائڻ ممڪن ناهي، نون صوبن جي حمايت ڪيان ٿو: سرفراز بگٽي
You might also like