سنڌ ورهائڻ جي سازش قبول ناهي، وسيلن تي سوديبازي به برداشت نه ڪنداسين: اڳواڻ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ يونائيٽيڊ لائرز فورم پاران ”سنڌ کي درپيش آئيني، معاشي ۽ آبي چئلينجز“ جي عنوان هيٺ سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ قانوني، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سنڌ جي ورهائڻ واري تجويز، وفاقي وزير ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي بيانن ۽ سنڌ جي وسيلن بابت ٿيندڙ فيصلن تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو.
سيمينار کي خطاب ڪندي بئريسٽر صلاح الدين چيو ته پي سي بي چيئرمين ملڪ کي ڪرڪيٽ وانگر سمجهي رهيو آهي، صوبن کي ورهائڻ جهڙا غير سنجيدا ۽ نوان تجربا نه ڪيا وڃن.
هن چيو ته صوبن جي ورهاڱي جهڙن اڻ سوچيل سمجهيل تجربن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
عبدالحسيب جمالي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ پاڪستان ٺاهڻ ۾ اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي، تنهنڪري سنڌين جي آئيني ۽ تاريخي ڪردار جو قدر ڪيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جو بنيادي مسئلو گڊ گورننس آهي، صوبي جي ورهاڱي ان جو حل ناهي.
عبدالوهاب شر چيو ته قومي اسيمبلي کي به صوبن جي ورهاڱي جو ڪو اختيار ناهي. هن چيو ته سنڌ سڀني کي پنهنجو ڪيو آهي، پر هاڻي هتي ٿيندڙ سازشن جو خاتمو آڻڻ ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام صوبي جي ورهاڱي واري خيال کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ورهاڱي وارو معاملو انتهائي اهم ۽ نازڪ آهي.
هن چيو ته سنڌ جي سمنڊ، زرعي زمين، ڪوئلي، گئس ۽ درياهن بابت سڌي يا اڻ سڌي ريت سودا ٿي چڪا آهن، جن خلاف متحد ٿيڻو پوندو.
نامياري معاشي ماهر قيصر بنگالي چيو ته سنڌ کي اسلام آباد سان ٿيندڙ معاهدن تي اکيون کولي نظر رکڻي پوندي.
هن خبردار ڪيو ته ڪنهن به اهڙي معاهدي تي اڻ سوچيو اعتماد نه ڪيو وڃي، جنهن تي مستقبل ۾ پڇتائڻو پوي.
وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ چيو ته سنڌ جي ورهاڱي خلاف صوبي جي مختلف ضلعن ۾ عوام کي گڏ ٿي اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.

You might also like