لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته صوبن بابت بحث اڪنامڪ فورم يا سيمينار ۾ نتيجا ڏيندڙ ثابت نه ٿيندو، صوبن بابت بحث لاءِ پارليامينٽ ئي مناسب فورم آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته جيڪڏهن عوام نوان صوبا چاهي ٿي ته کين ڪير به روڪي نٿو سگهي، عوام جي خواهش جو معاملو پارليامينٽ ۾ ئي طئي ٿيندو.
گهرو وزير جي نون صوبن بابت بيان تي سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءُالله چيو ته اڪنامڪ فورم يا سيمينار ۾ صوبن بابت بحث نتيجا خيز نه رهندو، جڏهن ته اهو معاملو پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ ايندو ته ان تي بامقصد بحث ٿي سگهي ٿو.
هن چيو ته وفاقي وزير اڃا تائين پارليامينٽ يا ڪابينا ۾ نون صوبن بابت ڪا ڳالهه ناهي ڪئي ۽ نوان صوبا ٺاهڻ وارو معاملو اڃا تائين ڪابينا ۾ پيش ئي ناهي ڪيو ويو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس منظوري ڏني ته پوءِ ريفرنڊم ٿيندو.
راڻا ثناءُالله چيو ته گهرو وزير جي تقريرن، بيانن ۽ مختلف فورمن تي ڳالهائڻ سان ڪو فائدو نه ٿيو، اها ڳالهه پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجي ها. جڏهن صوبن بابت بحث پارليامينٽ ۾ ايندو ته سموريون سياسي پارٽيون پنهنجا موقف پيش ڪنديون.
هن وڌيڪ چيو ته نون صوبن بابت مسلم ليگ (ن) جي موقف تي مشاورت جاري آهي، پارٽي ان بحث ۾ حصو وٺندي ۽ وزيراعظم به ان معاملي تي ڳالهائيندو.
راڻا ثناءُالله چيو ته نون صوبن بابت نون ليگ اندر موقف تي مشاورت جاري آهي، جڏهن صوبن بابت معاملو پارليامينٽ ۾ ايندو ته نون ليگ پنهنجو پاليسي بيان ڏيندي، پارٽي ضلعي ۽ يونين ڪائونسل سطح جي ڪارڪنن جي سوچ کي به نظر ۾ رکندي.
هن چيو ته صوبا ٺاهڻ يا نه ٺاهڻ جو فيصلو پارليامينٽ کي ڪرڻو آهي، جڏهن ته عوام نوان صوبا چاهي ٿي يا نٿي چاهي، ان بابت به فيصلو پارليامينٽ ۾ ئي ٿيندو.
جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ بابت سوال تي راڻا ثناءُالله چيو ته جماعت اسلامي سان ملاقات دوران درخواست ڪئي آهي ته لانگ مارچ هڪ يا ٻه هفتا ملتوي ڪيو وڃي، جڏهن ته ٻي جماعت جي لانگ مارچ بابت هن چيو ته اهو پرامن نه هوندو.
هن چيو ته جماعت اسلامي جي اڳواڻن کي درخواست آهي ته پاڻ کي مشڪل ۾ نه وجهن، مسلم ليگ (ن) جي پڻ اها ئي خواهش آهي ته پيٽروليم شين جون قيمتون گهٽ ٿين.
راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي جو لانگ مارچ پرامن احتجاج هوندو، ڇاڪاڻ ته سڀني کي خبر آهي ته جماعت اسلامي هڪ سياسي جماعت آهي.
نون صوبن بابت ن ليگ اندر مشاورت جاري، پارليامينٽ ۾ پاليسي بيان ڏينداسين: راڻا ثناءُالله
You might also like