ڪڻڪ اسڪينڊل،نواز شريف وزير اعظم کي طلب ڪري رپورٽ گهري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف ڪڻڪ اسڪينڊل تي وزير اعظم شهباز شريف کي طلب ڪري رپورٽ گهري ورتي آهي.
ذريعن موجب نواز شريف جي صدارت هيٺ جاتي امرا ۾ اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ ن ليگ جي قائد نواز شريف چيو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا ڪرڻ وارن کي نه ڇڏيو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ نواز شريف سومر کي وزيراعظم شهباز شريف کي طلب ڪري ورتو آهي ۽ اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته شهباز شريف طرفان معاملي تي نواز شريف کي رپورٽ پيش ڪئي ويندي.
جاتي امرا ۾ ٿيندڙ اجلاس م نواز شريف کي ٻڌايو ويو ته سامونڊي جهاز ڪڻڪ کڻي هلي پيو ۽ منظوري بعد ۾ورتي وئي، 25 ڏينهن ۾ پهچڻ وارو جهاز منظوري جي ستن ڏينهن بعد ئي بندرگاهه پهتو.
ياد رهي ته وزير اعظم شهباز شريف حڪومت جي پهرين مهيني ۾ 6 لک 91 هزار ميٽرڪ تن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو نوٽيس ورتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.