ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريديءَ به آئرلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف اسڪواڊ ۾ فاسٽ بالر جي سليڪشن تي سوال اُٿاري ڇڏيو.
مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي آل رائونڊر شاهد آفريدي بيڪ اَپ بالر جي ضرورت کي تسليم ڪندي حسين عليءَ جي تازي ڪارڪردگي تي سوال اُٿاريو.
هن چيو ته زمان خان ۽ محمد علي سندس جاءِ تي بهترين آپشن هئا، حسن علي جي سليڪشن تي حيران آهيان، سمجهه ۾ نٿو اچي ته کيس ڪهڙي ڪارڪردگي جي بنياد تي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته سندس جاءِ تي اساما مير کي شامل ڪري پيو سگهجي.
سندس چوڻ هو ته اساما مير مستقل مزاجيءَ سان پرفارم ناهي ڪيو پر مان سمجهان ٿو ته سلڪيشن ڪميٽي لاءِ ليگ اسپنر کي ڊراپ ڪرڻ جو فيصلو سولو نه هو.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته ٿي سگهي ٿو ته افتخار احمد، آغا سلمان، صائم ايوب جي اسپن آپشن کي نظر ۾ رکندي اساما مير کي ڊراپ ڪيو ويو هجي.