گهور جا پيسا ميڙيندڙ ٻار لتاڙجي مرڻينگ، حالت ڳڻتي جوڳي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) منڊي بهاءُالدين ۾ معصوم ٻار گهوريل نوٽ ميڙيندي لتاڙجي زخمي ٿي پيو جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

نينگر کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال گجرات ريفر ڪيو ويو آهي پر غريب وارث وڌيڪ رقم نه هجڻ کيس گجرات منتقل نه ڪري سگهيا.

ٻار علاج لاءِ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي ۽ سندن وارث پريشان آهن.

هنن چيو ته اسان وٽ وڌيڪ رقم ناهي ان لاءِ حڪومت کي اپيل ڪريون ٿا، مريم نواز کي اپيل آهي ته اها اسان جي نينگر جو علاج ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.