اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف مهانگائي ۾ گهٽتائي کي عوام لاءِ خوشخبري قرار ڏيندي پيٽرول جي اگهن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته مهانگائي ٻن سالن ۾ سڀ کان گهٽ سطح تي اچڻ معاشي بهتري جي نشاني آهي.
هن چيو ته مهانگائي جي شرح 39 سيڪڙو کان گهٽجي 17 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، الله جي فضل سان عوام کي معاشي سرگرمين ۾ وڌيڪ رليف ملندو.
وزيراعظم چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان عوام کي به رليف ملندو ڇو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون گهٽجي ويون آهن.
شهباز شريف چيو ته صوبائي حڪومتون پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي سرڪاري اگهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻن.