ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 24 مئي تي پاڪستان جي قومي جانور مارخور جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي ٺهراءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهو ٺهراءُ پاڪستان سميت 8 ٻين ملڪن پيش ڪيو هو.
ٺهراءَ ۾ عالمي سطح تي اهو ڏينهن ملهائڻ جي دعوت ڏني وئي آهي ۽ سڀني لاڳاپيل ڌرين کي دعوت ڏني وئي آهي ته هو مار خور جي تحفظ جي ڪوششن جي حمايت ۾ مجموعي ماحولياتي نظام ۾ ان جي ڪردار کي نظر ۾ رکندي عالمي ۽ علائقائي سهڪار کي وڌائڻ تي غور ڪن.
مار خور پاڪستان جو قومي جانور آهي، ٺهراءَ ۾ گڏيل قومن جي ماحوليات جي پروگرام يو اين اي پي کي مارخور جي عالمي ڏينهن کي ملهائڻ ۾ سهولت ڏيڻ تي زور ڏنو ويو آهي.