لاهور (ويب ڊيسڪ )پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) ڏکڻ آفريڪا جي دوري جو شيڊيول پڌرو ڪري ڇڏيو.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، پاڪستان ٽيم هلندڙ سال ڏکڻ آفريڪا جو دورو ڪندي، دوري دوران ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻه ٽيسٽ، ٽي ون ڊي ۽ ٽي ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏي ويندي.
پي سي بي موجب، ڊربن، سينچورين ۽ جوهانسبرگ ۾ 10 کان 14 ڊسمبر تائين ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ميچون ٿينديون.
ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز 17 کان 22 ڊسمبر تائين ڪيپ ٽائون ۽ جوهانسبرگ ۾ کيڏي ويندي.
ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 26کان 30 ڊسمبر تائين سينچورين ۽ ٻي ميچ 3 کان 7 جنوري تائين ڪيپ ٽائون ۾ شيڊيول آهي، ٽيسٽ سيريز آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 2023-25 جو حصو آهي.
پاڪستان ٽيم 8 جنوري تي ڏکڻ آفريڪا جو دورو مڪمل ڪري پنهنجي هوم گرائونڊ تي ٽه ملڪي سيريز ۾ نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا سان مهاڏو اٽڪائيندي جنهن کانپوءِ پاڪستان ۾ شيڊيول آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جا مقابلا شروع ٿيندا.
You might also like