ڪير ڪير آن لائن آهي، واٽس ايپ جلد ٻڌائيندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ واهپيدار جلد ئي اهو ڏسي سگهندا ته سندن ڪهڙو دوست آن لائن آهي. ان قدم جو مقصد ماڻهن ۾ ڳالهه ٻولهه وڌائڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي.

ٽريڪنگ ويب سائيٽ واٽس ايپ بيٽا انفو موجب هي فيچر انهن ماڻهن جي لسٽ ڏيکاريندو جيڪي آن لائن آيا هوندا.

ويب سائيٽ چيو آهي ته هي هڪ وسيع تبديلي جو حصو آهي جنهن جو مقصد ڳالهين لاءِ ڪونٽيڪٽس جي تجويز ڏيڻ آهي.

پر جيڪڏهن اوهان ڪنهن سان چيٽ ناهي ڪئي يا اوهان وٽ ڪنهن جو فون نمبر ناهي ته اهڙا ماڻهو آن لائن ظاهر نه ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.