پاڪستان سون سوين رپيا سستو، في تولي جي قيمت ڪيتري؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 1400 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 39 هزار ڇهه سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 1201 رپيا لاٿ بعد 2 لک 5 هزار 418 رپيا ٿي وئي آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 11 ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ 2277 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.