آءِ سي سي سالياني ٽيم رينڪنگ جاري، ٽنهي فارميٽن ۾ پاڪستان جي ڪهڙي پوزيشن آهي؟

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ( انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل ) سالياني ٽيم رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آسٽريليا سالياني ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي، ڪينگروز جي ريٽنگ پوائنٽس 124 ٿي ويون آهن.
ان کانسواءِ ڀارت چئن پوائنٽن جي فرق سان ٻئي نمبر تي موجود آهي جڏهن ته ٽيسٽ ٽيم رينڪنگ ۾ انگلينڊ جو ٽيون ۽ ڏکڻ آفريڪا جو چوٿون نمبر آهي.
ٽيسٽ ٽيم رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ پنجين، پاڪستان ڇهين ۽ سريلنڪا ستين پوزيشن تي موجود آهي.
ون ڊي جي سالياني ٽيم رينڪنگ ۾ ڀارت جو پهريون نمبر برقرار آهي، جڏهن ته آسٽريليا جو ٻيو ۽ ڏکڻ آفريڪا جو ٽيون نمبر آهي.
ان فهرست ۾ پاڪستان چوٿين، نيوزيلينڊ پنجين ۽ انگلينڊ ڇهين نمبر تي موجود آهي.
ٽي ٽوئنٽي جي سالياني رينڪنگ ۾به ڀارت جي حڪمراني آهي، جڏهن ته آسٽريليا هڪ درجو ترقي ماڻيندي ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي.
ٽي ٽوئنٽي ۾ انگلينڊ جي ٽيم ٽئين نمبر تي هلي وئي آهي جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم ٻه درجا بهتري کانپوءِ چوٿين نمبر تي اچي وئي آهي.
نيوزيلينڊ جي ٽيم جو ڇهون نمبر آهي جڏهن ته سالياني ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پاڪستاني ٽيم ستين نمبر تي هلي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.