آءِ سي سي پاران ڊيون ٿامس تي 5 سال پابندي، هر طرز جي ڪرڪيٽ لاءِ نااهل قرار

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي، اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي تي ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر ڊيون ٿامس تي پنج سال پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي پڌرائي موجب، ڊيون ٿامس سريلنڪا ڪرڪيٽ، ايمريٽس ڪرڪيٽ بورڊ ۽ سي پي ايل جي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جون ست ڀڃڪڙيون ڪيون.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر ڊيون ٿامس کي هر طرز جي ڪرڪيٽ لاءِ نااهل قرار ڏيندي مٿس پنج سال پابندي لڳائي وئي آهي.
آءِ سي سي موجب، ڊيون ٿامس اينٽي ڪرپشن ٽيم آڏو پنهنجو ڏوهه قبولي ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.