پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا ۽ پنجاب ۾ نئين گورنر جي مقرريءَ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، تمام جلد ڪي پي ۽ پنجاب ۾ نوان گورنر مقرر ڪيا ويندا.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سردار سليم حيدر کي پنجاب جو گورنر نامزد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪي پي ڪي ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي کي گورنر بڻائڻ جو امڪان آهي.
سردار سليم حيدر خان جو واسطو اٽڪ ضلعي جي تعلقي فتح جنگ سان آهي جڏهن ته فيصل ڪريم ڪنڊي پيپلز پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ آهي، هو 2008 کان 2013 تائين قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر رهي چڪو آهي.