لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سردار سليم حيدر کي پنجاب جو گورنر نامزد ڪري ڇڏيو .
اڳوڻي وفاقي وزير سردار سليم اختر جو واسطو اٽڪ ضلعي سان آهي، ان کانسواءِ هو پ پ راولپنڊي ڊويزن جو صدر پڻ آهي.
سردار سليم حيدر خان سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار، دفاع ۽ پيدوار بابت مملڪتي وزير به رهي چڪو آهي.
هو 2008ع ۾ اين اي 59 اٽڪ مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو هو.
پ پ چيئرمين پاران پنجاب جو گورنر نامزد ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار سليم خان چيو ته بلاول ڀٽو مونکي خوشطبري ٻڌائي آهي ته اوهان کي پنجاب جو گورنر بڻايو پيو وڃي، ٻڌايو ويو آهي ته اڄ رات تائين نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو.
You might also like