دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جا مقابلا 1 جون کان 29 جون تائين آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ کيڏيا ويندا.
ميگا ايونٽ جي شروعاتي رائونڊن لاءِ 20 امپائرز 6 ريفريز تي ٻڌل پئنل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي موجب، ميچ ريفريز ۾ ڊيوڊبون، جيف ڪرو ۽ رنجن مدوگالي شامل آهن، ان کانسواءِ ايڊريو پائيڪرافٽ، رچي رچرڊسن ۽ جواگال سري ناٿ به ميچ ريفري هوندا.
امپائرز پئنل ۾ پاڪستان جو احسن رضا، آصف يعقوب ۽ ارشد رياض پڻ شامل آهن.
You might also like