پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ مدد جي آڇ تي سعودي قيادت جا ٿورائتا آهيون: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ کنيل قدمن تي سعودي قيادت جا ٿورائتا آهيون.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سعودي سيڙپڪاري ۽ منصوبن تي اڳڀرائي تي جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم پنهنجي سعودي عرب جي تازي دوري بابت آگاهه ڪيو.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ کنيل قدمن تي سعودي قيادت جا ٿورائتا آهيون، سعودي قيادت جي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ مدد جي آڇ سٺو سنئوڻ آهي.
هن چيو ته پاڪستان خوش قسمت آهي جنهن کي سعودي جهڙو خيرخواهه دوست جو ساٿ حاصل آهي، سعودي فرمانروا ۽ ولي عهد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا.
وزيراعظم چيو ته سعودي قيادت پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ به دلچسپي رکي ٿي.
شهباز شريف چيو ته دوري جي بهترين تياري لاءِ لاڳاپيل وزيرن ۽ آفيسرن جو ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
سعودي وفد جي ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتن بابت وزيراعظم شهباز شريف هدايتون جاري ڪندي چيو ته سعودي وفد جي بهترين مهمان نوازي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.